اسلام آباد/ڪراچي(م ڊ+عوامي آواز نيوز)ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال کان پوءِ گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري جي به آڊيو سامهون اچي وئي، آڊيو ۾ ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته اسان ته پي ٽي آءِ حڪومت سان گڏ هئاسين، پ پ ۽ ن ليگ مخالف ڌر ۾ هيون، اسان پي ڊي ايم جو ساٿ ڏنو، جنهن ووٽر ناراض ٿيا، پهريون اسان کي7 سيتون مليون هيون، اهو ئي اسان جو ووٽ بيگ هيو، اڄ اسان کي ووٽ ناهي مليو، حڪومت ۾ شامل ٿيڻ بدلي هڪ وزارت ڏني پئي وڃي، هو گورنر سنڌ پنهنجو آڻي رهيا آهن، هن چيو ته ڪجهه ملي به نه ۽ حڪومت ۾ وڃو ته حشر تمام خراب ٿيڻ وارو آهي، هن چيو ته اسان جو مينڊيٽ سئو سيڪڙو جعلي آهي، اسان چيو اهڙي به جماعت آهي جنهن جو مينڊيٽ ٻه سئو سيڪڙو جعلي آهي، گورنر سنڌ مطابق پ پ دٻاءُ وجهي رهي آهي ته گورنر سنڌ ايم ڪيو ايم جو نه هجي، هو هڪ شخص کي گورنر بڻائڻ چاهين ٿا، ان شخص جو نالو خالد مقبول کي خبر آهي هوڏانهن صحافي انيس منصوري موجب ڪامران ٽيسوري جي آڊيو ايم ڪيو ايم لنڊن ليڪ ڪئي آهي، ان معاملي تي الطاف حسين ٽڪ ٽاڪ تي هڪ وڊيو ٺاهي آهي، ڪامران ٽيسوري جي ترجمان آڊيو جي اصل هئڻ جو اعتراف ڪيو آهي، ان آڊيو ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، انيس منصوري موجب مون جيڪا آڊيو ليڪ ڪئي آهي ان ۾ ڪا به ترميم نه ڪئي وئي آهي،