ڪي پي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو، گوڙ

پشاور( م ڊ)  خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي نون چونڊيل 115 ميمبرن حلف کڻي ورتو آهي، خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي صدارت  اسپيڪر مشتاق غني ڪئي. اجلاس ۾ سڀ کان پهرين شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ دعا گهري وئي، جنهن کانپوءِ مشتاق غني 115 نون چونڊيل ميمبرن کي حلف کڻايو.حلف کڻائڻ وقت پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ هڪٻئي جي آمهون سامهون اچي ويا، ميمبرن پاران هڪٻئي کي ڌڪا ڏئي احتجاج ڪيو ويو، اسيمبلي ۾ موجود پي ٽي آءِ ڪارڪنن زوردار نعرا هنيا جڏهن ته پي ٽي آءِ جو نامزد وڏو وزير علي امين گنڊاپور به اسيمبلي ۾ موجود هو. ميمبرن پاران حلف کڻڻ بعد اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ اڄ ٿيندي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ شام جمع ڪرايا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.