گوگل ڪروم چئن اهم فيچرن جو واڌارو

گوگل طرفان ڪروم ويب برائوزر ۾ ڪجهه نون فيچرن جو واڌارو ڪيو پيو وڃي، نئون 123 ورجن مارچ ۾ متعارف ڪرايو ويندو جنهن جو فلحال بيٽا ورجن جاري ڪيو ويو آهي.
ڪروم 123 ۾ واهپيدار ڪجهه دلچسپ فيچر مان لاڀ حاصل ڪري سگندا.
هڪ فيچر اينڊرائيڊ ڊيوائسز ۾ پي ڊي ايف ريڊر کي ڪروم برائوزر جو حصو بڻائڻ بابت آهي.
ڪروم برائوزر جي ڊيسڪ ٽاپ ورجن ۾ پي ڊي ايف ريڊر ڊگهي عرصي کان موجود آهي، پر هاڻ اينڊرائيڊ سمارٽ فونز لاءِ به اِهو فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي.
هن فيچر ذريعي اينڊرائيڊ ڊيوائسز ۾ پي ڊي ايف فائلز ڊائون لوڊ ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي جڏهن ته اِها ويب برائوزر ۾ ئي اوپن ٿي ويندي.
هڪ نئون فيچر ڪروم جي ڊيسڪ ٽاپ ورجن ۾ اينڊرائيڊ جهڙي ميڊيا پليئر جي حوالي سان آهي.
ڪروم 123 جي ڊيسڪ ٽاپ ورجن ۾هڪ نئون ميڊيا پليئر ويب برائوزر جو حصو بڻجندو.
اهڙي قسم جو ميڊيا پليئر فلحال گوگل پڪسلز فونز ۾ نظر ايندو آهي جنهن ۾ پلي بيڪ ۽ ڪاسٽنگ بٽڻن کي تبديل ڪيو ويندو.
هڪ ٻيو نئون فيچر ٽيب گروپ شيئرنگ جو آهي، ان فيچر ذريعي اوهان ڪروم تي لنڪس بدران ٽيگ گروپس کي شيئر ڪري سگهندا.
هي فيچر اينڊرائيڊ ڊيوائسز ۽ ڊيسڪ ٽاپ ورجن جي ڪروم واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.
اهڙي ريت ڪروم 123 ۾ مختلف ڊيوائسز ۾ سوئچ ڪرڻ وارو عمل به سولو بڻايو پيو وڃي.
گوگل طرفان ان لاءِ هڪ نئون Resume tabs آپشن ڪروم برائوزر جو حصو بڻايو ويندو.
ان آپشن تحت ٻين ڊيوائسز ۾ اوپن ڪيل ٽيبز کي ڪنهن نئين ڊيوائس جي ٽيب پيج ۾ ڏٺو ويندو، اِهو فيچر ڊيسڪ ٽاپ ورجن، اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس واهپيدارن لاءِ دستياب هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.