ڀارت ۾ انتهائي شرمناڪ واقعو، آءِ سي يو ۾ داخل عورت جو ريپ

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست راجسٿان جي الور ضلعي ۾ نجي اسپتال جي آءِ سي يو ۾ داخل 24 ورهين جي عورت کي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب مريض عورت کي نرسنگ اسٽاف زيادتي جو نشانو بڻايو.
پوليس ٻڌايو ته عورت کي ڦڦڙن ۾ انفيڪشن سبب اسپتال داخل ڪرايو ويو هو ۽ آءِ سي يو ۾ ان جو علاج هلي رهيو هو.
جوابدار چراغ يادو صبح تقريبن 4 وڳي مبينا طور مريض عورت کي زيادتي جو نشانو بڻايو.
پوليس موجب متاثر عورت جو چوڻ آهي ته جڏهن هن گوڙ ڪيو ته جوابدار ان کي بيهوش ڪرڻ لاءِ انجيڪش هنئي.
پوليس ٻڌايو ته عورت هوش اچڻ تي مڙس کي فون ڪري واقعي بابت ٻڌايو، جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.