نصير الدين شاهه پاڪستانين کي پنهنجو ڪتاب پڙهڻ کان روڪي ڇڏيو!

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪار نصير الدين شاهه پاڪستاني پرستارن کي پنهنجو ڪتاب پڙهڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ نصيرالدين شاهه ٻڌايو ته سندس ڪتاب ” ۽ وري هڪ ڏينهن “ جو غيرقانوني اردو ترجمو پاڪستان ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
اداڪار معاملي طرف ڌيان ڇڪائيندي چيو ته سندس يادگيرين تي آڌريل ڪتاب کي پاڪستان ۾ پائريٽ ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته ظاهر آهي، سندس ڪتاب جو غيرقانوني اردو ترجمو پاڪستان ۾ ڇپجي چڪو آهي ۽ اتي وڪرو ٿي رهيو آهي.
نصير الدين شاهه موجب، سندس ڪتاب جي ترجمي سان ڪو واسطو ناهي ۽ ڪتاب جو وڪرو روڪڻ لاءِ قانوني رستو اختيار ڪندس، هن پاڪستان ۾ موجود دوستن کي ڪتاب نه خريد ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.
سندس پوسٽ تي ڪيئي ماڻهن تبصرا ڪيا ۽ کيس پبلشرز خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي صلاح ڏني.
نصير الدين شاهه ڄاڻايل ڪتاب ۾ پنهنجي مخصوص ذهانت ۽ صاف گوئي واري انداز ۾ پڙهندڙن کي پنهنجي شروعاتي سالن کان ويندي ڪاميابي جي عروج تائين جي ڪهاڻي بيان ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.