بابر اعظم سان ذاتي دشمني ناهي، پاڪستان جي ڀلائي جو سوچيندو آهيان: محمد عامر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ڪوئيٽا گليڊيئٽرز جي نمائندگي ڪندڙ فاسٽ بالر محمد عامر چيو آهي ته بابر اعظم سان سندس ڪائي ذاتي دشمني نه آهي، ٻنهي گڏ ڪرڪيٽ کيڏي آهي.
پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته بابر اعظم سندس سٺو رشتو آهي، جيڪو پاڪستان جي بهتري لاءِ بهتر هوندو آهي اِهو چوندو آهيان.
فاسٽ بالر چيو ته بابر اعظم آخري اننگز ۾ جيڪي اسٽروڪ کيڏيا اِهي شاندار هئا، بابر جهڙي ريت آخري ٻه اوور کيڏيا کيس اهڙي طرح ئي کيڏڻ گهرجي، بابر جيڪڏهن اهڙي ئي اننگز پاڪستان لاءِ به کيڏندو ته فائدو ٿيندو .
عامر جو چوڻ هو ته پاڪستان جي مئنيجمينٽ لانگ ٽرم پلاننگ ناهي ڪندي، پنهنجي، پنهنجي سيريز جو سوچيندا آهن، روٽيشن پاليسي بلڪل هئڻ گهرجي، بيٽرن ۽ بالرن جو ورڪ لوڊ مئنيج ڪرڻ گهرجي.
سندس چوڻ هوته اڪثر ڪري عالمي ڪپ کان اڳ رانديگر ان فٽ ٿي ويندا آهن ڇو ته ڪوچز لانگ ٽرم پلاننگ ناهي ڪندا.
هن چيو ته فاسٽ بالر جو ڪيريئر ننڍو هوندو آهي، ڪرڪيٽ جا وڏا سندن ڪيريئر کي مئنيج ڪن، پي سي بي کي چئن ڏينهن ۽ ريڊ بال ڪرڪيٽ تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي.
محمد عامر چيو ته ريڊ بال ڪرڪيٽ ۾ نوجوانن کي سٺا ڪانٽريڪٽ ڏيڻ گهرجن، نوجوانن جي ريڊ بال ۾ دلچسپي ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.