پاڪستاني فلم ” ڄمون جو وڻ“ڪانز فيسٽيول ۾ اهم اعزاز ماڻي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) رافع راشدي جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ فلم ” دي جاوا پلم ٽري“ڪانز ورلڊ فلم فيسٽيول ۾ سماجي انصاف واري ڪيٽيگري لاءِ بهترين فلم جو ايوارڊ کٽي ورتو .
رافع راشدي سوشل ميڊيا ذريعي ڪاميابي جو اعلان ڪندي فلم جي ڪاسٽ ۽ عملي کي مبارڪون ڏنيون.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Rafay Rashdi (@rafayrashdi)


واضح رهي ته فرانس جو ڪانز فيسٽيول هن فيسٽيول کان وڏو آهي، جڏهن ته فرانس ۾ ئي ٿيندڙ ” ڪانز ورلڊ فلم فيسٽيول “ ۾ به سموري دنيا مان، ويب سيريز، فيچر سميت مختصر فلمون پيش ڪيون وينديون آهن.
هن مختصر فلم جو ٽريلر گذريل مهيني جاري ڪيو ويو هو.
پاڪستاني اداڪار عدنان صديقي فلم ۾ ناڪاري ڪردار ادا ڪيو آهي، ٽريلر ۾ کيس ڀارت جي هڪ سگهاري شخصيت کيس شوبز انڊسٽري جي عورتن جو استحصال ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.
فلم جي ٽريلر مان ڪهاڻي ايتري واضح نٿي ٿئي، پر ڊائريڪٽر ٽريلر شيئر ڪندي فالوورز ٻڌايو هو ته فلم جي ڪهاڻي مرد ۽ عورتن وچ ۾ لاڳاپن ۽ سندن گڏيل راضپي جي چوڌاري ڦري ٿي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Rafay Rashdi (@rafayrashdi)


فلم جي ڪهاڻي مشهور ڊارما رائيٽر بي گل لکي آهي جڏهن ته فيصل ڪپاڊيا ان کي پرڊيوس ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.