گوگل ڪروم ۾ 4 نوان فيچرز شامل

گوگل پاران ڪروم ويب برائوزر ۾ ڪجهه نوان فيچرز وڌايا پيا وڃن.
گوگل ڪروم جو نئون 123 ورجن متعارف ڪرايو ويندو جنهن جو اڃا بيٽا ورجن جاري ڪيو ويو آهي.
ڪروم 123 ۾ ڪجهه دلچسپ فيچرز واهپيدارن کي ملندا.
هڪ فيچر اينڊرائيڊ ڊوائيسز ۾ پي ڊي ايف ريڊر کي ڪروم برائوزر جو بڻائڻ جي حوالي سان آهي.
هن وقت ڪروم برائوزر جي ڊيسڪ ٽاپ ورجن ۾ پي ڊي ايف ريڊر جو استعمال ڪافي عرصي کان ٿي رهيو آهي، پر هاڻي اينڊرائيڊ سمارٽ فونز لاءِ اهو فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي.
ان فيچر سان اينڊرائيڊ ڊوائيسز ۾ پي ڊي ايف فائلز کي ڊائونلوڊ ڪرڻ جي ضرورت نه رهندي پر اُهي ويب برائوزر ۾ ئي کُلي ويندا.
هڪ نئون فيچر ڪروم جي ڊيسڪ ٽاپ ورجن ۾ اينڊرائيڊ جهڙي ميڊيا پليئر جي حوالي سان آهي.
ڪروم 123 جي ڊيسڪ ٽاپ ورجن ۾ نئون ميڊيا پليئر ويب برائوزر جو حصو بڻجندو.
اهڙيءَ طرح جو ميڊيا پليئر اڃا گوگل پڪسلز فونز ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آهي جنهن ۾ پلي بيڪ ۽ ڪاسٽنگ بٽنز کي تبديل ڪيو ويندو.
هڪ ٻيو نئون فيچر ٽيب گروپ شيئرنگ جو آهي.
ان فيچر سان اوهان ڪروم تي لنڪس بدران ٽيب گروپس کي شيئر ڪري سگھندا.
اهو فيچر اينڊرائڊ ڊوائيسز ۽ ڊيسڪ ٽاپ ورجن جي ڪروم واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.
اهڙيءَ طرح ڪروم 123 ۾ مختلف ڊوائيسز ۾ سوئچ ڪرڻ جو عمل به سولو بڻايو پيو وڃي.
ان آپشن تحت ٻين ڊوائيسز ۾ کوليل ٽيبز کي ڪنهن نئين ڊوائيس جي ٽيب پيج ۾ ڏيکاريو ويندو.
اهو فيچر ڊيسڪ ٽاپ، اينڊرائڊ ۽ آءِ او ايس واهپيدارن لاءِ موجود هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.