عمران ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ فرد جرم

راولپنڊي(م ڊ) 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهر واري تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. راولپنڊي جي احتساب  عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهر واري تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي  احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد راڻا اڊيالا جيل اندر ٻڌڻي هلائي، جج پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي جي عدالتي ڪمري ۾ موجودگي دوران فرد جرم پڙهي ٻڌايو . ڪيس ۾ 58 گواهن جون شاهديون ريڪارڊ ڪيون وينديون.  عدالت 5 گواهن کي طلب ڪندي ٻڌڻي 6 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.