واشنگٽن(م ڊ)آمريڪا پاڪستان ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي جي جاچ جلد مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ ۾ واضح ڪيو ته رپورٽ ڪيل چونڊ بي ضابطگين جي جاچ جلد کان جل مڪمل ٿيڻ گهرجي، پاڪستان ۾ نئين حڪومت ٺهڻ بابت جواب ڏنو ته نئين حڪومت جي جوڙ جڪ پاڪستاني قيادت جي عمل هيٺ آهي ۽ آمريڪا ان ۾ڌر ناهي ترجمان پاڪ ايران گئس لائن بابت سوال تي تبصري کان پاسو ڪيو.