سينيٽ اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جو سياسي قيدين جي آزادي لاءِ احتجاج،ن ليگ ۽ جي يو آءِ جي حمايت

اسلام آباد(م ڊ) اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران پي ٽي آءِ پنهنجي قيدين خاص ڪري عورتن جي آزادي لاءِ نعريبازي ڪئي. پي ٽي آءِ جي سينيٽر فيصل جاويد روپوشي کان پوءِ پهريون ڀيرو اجلاس ۾ شرڪت ڪئي،پي ٽي آءِ سينيٽرن  سندس آجيان ڪئي، اجلاس دوران تحريڪ انصاف جي سينيٽرن سخت احتجاج ڪيو ۽ ”عورتن کي انصاف ڏيو، ”عورتن کي آزاد ڪريو“ جا نعرا هنيا.جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته ڪجهه عورتن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو مذمت جوڳو آهي، مريم نواز ۽ فريال ٽالپر به اسان لاءِ عزت لائق هيون، اهي عورتون به قابل احترام آهن، ڪالهه به غلط ٿي رهيو آهي ۽ اڄ به غلط ٿي رهيو آهي، هنن عورتن سان انصاف ڪيو وڃي، مان مذمت ڪريان ٿو،ليگي سينيٽر سعديه عباسي چيو ته مون ان وقت به آواز اٿاريو جڏهن پي ٽي آءِ جا سينيٽر نه هئا، جيڪي سيٽون پي ٽي آءِ جون آهن انهن کي ڏنيون پيون وڃن، هن اليڪشن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان کان اکيون نه لڪايون.سعديه عباسي چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها ڇو ته اليڪشن شفاف نه هئي ، 2018ع جي اليڪشن ۾ ن ليگ عتاب هيٺ هئي، هاڻي پي ٽي آءِ آهي.سعديه عباسي سينيٽر اعجاز چوڌري شبلي فراز جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.فيصل جاويد چيو ته عورتن، ٻارن، بزرگن، مظلومن ۽ لاچارن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، جيڪي به ڏوهي آهن انهن کي قانون موجب سزا ملڻ گهرجي.هن چيو ته مان سعديه عباسي جو ٿورائتو آهيان جو هن آواز اٿاريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.