غلط فهمي ختم، سيشن جج لاڙڪاڻو طرفان استعيفيٰ واپس

ڪراچي (رپورٽر) غلط فهمي جي ڪري مستعيفي ٿيندڙ سيشن جج لاڙڪاڻو شرف الدين شاهه معاملو حل ٿيڻ ۽ غلط فهميون ختم ٿيڻ  بعد پنهنجي استعيفيٰ واپس وٺي ڇڏي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي جي سيشن جج جي استعيفيٰ بابت پڌرائي جاري ڪري ڇڏي، پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته لاڙڪاڻي جي سيشن جج شرف الدين شاهه غلط فهمي سبب استعيفيٰ ڏني هئي، سيشن جج جي استعيفيٰ جو معاملو چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو رکيو ويو، بيان موجب سيشن جج جو موقف ٻڌو ويو ۽ سمورن معاملن تي ڳالهين بعدد شرف الدين شاهه استعيفيٰ واپس ورتي آهي، سيشن جج غلط فهمي سبب استعيفيٰ ڏني هئي، ان حوالي سان سموريون غلط فهميون ختم ڪيون ويون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.