مارچ ۾ صدارتي چونڊ ٿيندي، ٻه مارچ تي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهبا

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي موجب صدارت لاءِ خواهشمند اميدوار اڄ کان ئي نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري سگهن ٿا، 2 مارچ تي ڏينهن جو 12 وڳي تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهبا. آئين تحت صدر جي چونڊ عام چونڊن کانپوءِ 30 ڏينهن اندر ڪرائڻ لازمي آهي، آرٽيڪل  91 ۽ 130 تحت سمورين اسيمبلين جي پهرين ويهڪ چونڊن جي 21 ڏينهن اندر ٿيڻي آهي . اليڪشن ڪميشن موجب 29 فيبروري 2024 تي سموريون اسيمبليون وجود ۾ اچي وينديون، اهڙي طرح صدر جي چونڊ لاءِ گهربل اليڪٽورل ڪاليج جي تڪميل ٿي ويندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.