ڀارت ۾ 89 سال پراڻو مسلمانن جي شادي وارو قانون ختم

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي جنتا پارٽي جي حڪومت ڀارتي رياست آسام ۾ 89 سال پراڻي مسلمانن جي شادي جي قانون کي ختم ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ رياست ۾ نئون قانون لاڳو ڪيو ويو آهي.
مودي حڪومت آسام ۾ مسلم قانون کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت نابالغ مسلمانن کي شادي ڪرڻ جي اجازت هئي.
مودي حڪومت پاران 89 سال پراڻي قانون کي ختم ڪرڻ جو مقصد شادي، طلاق، هنج وٺڻ ۽ وراثت لاءِ هڪ جهڙا شهري قانون لاڳو ڪرڻ چاهي پئي.
واضح رهي ته اهڙا ئي قانون اتراکنڊ رياست ۾ هلندڙ مهيني کان لاڳو ٿي ويو آهي. پر آسام جتي مسلمانن جي سڀ کان وڌيڪ 34 سيڪڙو آبادي آهي، ان فيصلي جي مخالفت ڪندي نظر اچي پئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.