نائن زيرو تان گرفتار سياسي ڪارڪن کي ٻه ڀيرا موت جي سزا جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 12 سال اڳ قتل ٿيندڙ پ پ ڪارڪن اعجاز جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
پراسيڪيوشن موجب اعجاز کي 20 ڊسمبر 2012 ۾ اورنگي ٽائون ۾ سندس گهر ۾ قتل ڪيو ويو، ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار جوابدار آيا ۽ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ اعجاز مارجي ويو.
پراسيڪيوشن ٻڌايو ته جوابدار شڪيل عرف بنارسي کي 2015 ۾ نائن زيرو تان گرفتار ڪيو ويو هو، جوابدار جاچ دوران ٻين جوابدارن جي قتل ۾ ملوث هجڻ جو به انڪشاف ڪيو هو، جوابدارن خلاف پاڪستان بازار ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سياسي جماعت جي ڪارڪن شڪيل بنارسي کي ٻه ڀيرا موت جي سزا جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت عدم شاهدين جي بنياد افسر زيدي، ذوالفقار، عادل پگلا ۽ ڪاشف کي بري ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.