ڀٽو ڪيس ياد ڏياري ٿو ته اسان اڄ به 50 سال پوئتي بيٺا آهيون: پي ٽي آءِ

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ترجمان چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جو ڪيس ياد ڏياري ٿو ته اسان اڄ به اتي ئي بيٺا آهيون، جتي 50 سال اڳ هئاسين.
پنهنجي بيان ۾ پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته مقبول عوامي نمائندن کي جعلي ڪيسن جي بنياد تي قيد ڪيو ويو، مقبول عوامي قيادت خلاف سازشن جو نقصان ملڪ ۽ قوم کي ٿيندو آهي.
ترجمان چيو ته پاڪستان جي معيشت بهتر ڪرڻ لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي، مقبول عوامي نمائندن خلاف سازشن جو سلسلو رڪجڻ گهرجي، عوام جي مرضي جو احترام بنيادي گهرج آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.