اسٽار فٽبالر رونالڊو تي پابندي لڳي وئي

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي فٽبال ليگ ۾ الشباب خلاف ميچ دوران تماشائين کي اڻوڻندڙ اشارو ڪرڻ تي ڪرسٽيانو رونالڊو تي ٻن ميچن جي پاپندي لڳائي وئي آهي.
سعودي فٽبال ليگ ۾ الشباب ڪلب خلاف ميچ دوران ” ميسي ميسي “ جي نعرن تي ڪرسٽيانو رونالڊو تي باهه ٿي ويو.
پرتگال جي اسٽار فٽبالر ڪاوڙ ۾ اچي تماشائين ڏانهن اڻوڻندڙ اشارو ڪيو، معاملو عالمي ميڊيا ۾ اچڻ کانپوءِ سعودي فٽبال باڊي جاچ شروع ڪئي ۽ مٿس ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن ميچن جي پابندي مڙهي وئي.
واضح رهي ته ماضي ۾ به ڪيئي دفعا مخالف ڪلبز جا تماشائي رونالڊو جي موجودگي ۾ ميسي جا نعرا هڻي کيس چيڙائيندا رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.