دل جي مرضن کان بچڻ لاءِ ڪيتري ورزش ضروري آهي؟

دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ موت دل جي مرضن سبب ٿيندا آهن.
دل جي صحت سان سلهاڙيل مسئلا جن ۾ هارٽ اٽيڪ، دل جي ڌڙڪي جي رفتار ۾ بي ترتيبي شامل آهن يا ان عضوي جي مختلف حصن کي پهچندڙ هر قسم جي نقصان لاءِ دل جي مرضن جي اصطلاح استعمال ڪئي ويندي آهي.
اهو تصور ڪيو ويندو آهي ته وچولي عمر يا پوڙهائپ ۾ دل جي مرضن کي منهن ڏبو آهي.
پر هاڻوڪن ڪجهه سالن ۾ جوان ماڻهن ۾ دل جي مرضن جي شرح ۾ حيران ڪندڙ اضافو ٿيو آهي.
سٺي ڳالهه اها آهي ته صحتمند زندگي گذارڻ سان دل صحتمند رکڻ گھڻو ڏکيو نه هوندو آهي ۽ ان حوالي سان ورزش مک ڪردار ادا ڪندي آهي.
ورزش کي معمول بڻائڻ سان اسان جي جسم کي مختلف فائدا ٿيندا آهن خاص طور تي دل جي صحت کي فائدو ٿيندو آهي.
پر دل کي صحتمند رکڻ لاءِ ڪيتري ورزش ڪرڻ ضروري آهي؟
ان جو جواب آمريڪن هارٽ ايسوسيئيشن ڏنو آهي.
آمريڪن هارٽ ايسوسيئيشن موجب هر هفتي گھٽ ۾ گھٽ رڳو 150 منٽ (اڍائي ڪلاڪن) تائين ورزش جهڙوڪ پنڌ ڪرڻ سان دل کي صحتمند رکڻ ۾ مدد ملي ٿي.
اهڙيءَ طرح هر هفتي 75 منٽن جي سخت ورزش سان به دل کي صحتمند بڻائي سگھجي ٿو.
پر طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ضرورت کان وڌيڪ ورزش ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي ڇو جو ان سان جسماني صحت تي ناڪاري اثر پون ٿا.
واضح رهي ته جن ماڻهن جي خاندان ۾ دل جي مرضن جي تاريخ هوندي آهي، انهن ۾ هارٽ اٽيڪ يا دل جي ٻين بيمارين جو خطرو به وڌيڪ هوندو آهي ۽ انهن کي ورزش معمول بڻائڻ جي وڌيڪ ضرورت هوندي آهي.
ڪجهه تحقيقي رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڄي ڏينهن ۾ 15 منٽن جي ورزش به صحت لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿي.
15 منٽ ظاهري طور تي تمام گھٽ وقت لڳي ٿو پر تحقيقي رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪجهه منٽن جي ورزش به جسماني سرگرمين کان پري رهڻ کان به بهتر هوندي آهي.
آمريڪن ڪاليج آف اسپورٽس ميڊيسن 10 کان 15 منٽن جي معمولي جسماني سرگرمين سان ورزش جي شروعات جو مشورو ڏنو آهي.
وڌيڪ سٺي ڳالهه اها آهي ته پنڌ ڪرڻ لاءِ 15 منٽ ڪڍڻ ڏکيو نه آهي.
هارورڊ اسڪول آف پبلڪ هيلٿ موجب پنڌ ڪرڻ جي رفتار ايتري تيز هجڻ گھرجي جنهن سان دل جي ڌڙڪي جي رفتار وڌي وڃي.
تيز پنڌ ڪرڻ سان بلڊ پريشر جي سطح گھٽبي آهي جڏهن ته جسماني توانائي وڌندي آهي.
ان عادت سان جسم کي به ورزش جي معمولي عادت ٿيندي آهي ۽ اسٽيمنا وڌندو آهي.
گھر جي صفائي، ٻارن سان کيڏڻ، دير جي احساس سبب ڪنهن جاءِ تي جلد پهچڻ جي ڪوشش، ڊآنس ۽ کِلڻ به جسماني سرگرمين جو حصو آهن، يعني صحت کي فائدو پهچائينديون آهن.
اها ڳالهه ڄاڻي وٺو ته ورزش جو وقت جيترو به هجي، جنهن لاءِ فائديمند ئي هوندو آهي.
ماهرن موجب ڪنهن به عمر ۾ جسماني سرگرمين کي معمول بڻائڻ صحت لاءِ فائديمند هوندو آهي ۽ وچولي عمر يا پوڙهائپ ۾ به اوهان ان عادت سان پاڻ کي صحتمند بڻائي سگھو ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.