حلف برادري تقريب ۾ پاتل مريم نواز جي وڳي ۽ جوتن جي قيمت ڪيتري آهي؟

پنجاب جي نئين چونڊيل وزير اعليٰ مريم نواز سياست سان گڏ فيشن ۽ اسٽائل ۾ به ڪنهن کان پوئتي ناهي.
ڪا شادي هجي يا سياسي جلسو، مريم نواز جديد فيشن سان هم آهنگ نظر ايندي آهي.
ان ئي سياست ۽ فيشن جي روايت کي برقرار رکندي مريم نواز گذريل ڏينهن وزير اعليٰ جي عهدي جو حلف کنيو، ان دوران هن جنهن لباس جي چونڊ ڪئي، ان سڀني جو ڌيان ڇڪائي ورتو.
پنهنجي حلف برداري تقريب جي موقعي تي مريم نواز سائي رنگ جي وڳي جي چونڊ ڪئي.
مريم نواز ايمرلڊ گرين بند ڳلي واري قميص سان گڏ ٽرائوزر پاتو، جيڪو پاڪستاني ڪلاٿنگ برانڊ ”پرنيان بائي عائشا“ جو تيار ڪيل آهي.
پرنيان بائي عائشا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ان جي تيار ڪيل جوڙي ۾ مريم نواز جون تصويرون پوسٽ ڪيون ۽ ان ڳالهه تي فخر جو اظهار ڪندي لکيو ته هڪ تاريخي لمحو، ڇو ته مريم نواز اسان جي لباس کي پنهنجي حلف برداري تقريب ۾ پاتو.
ان ڪلاٿنگ برانڊ جي ڊزائينر جو نالو عائشا جواد آهي، پرنيان بائي عائشا جي ويب سائيٽ ڏٺي وڃي ته ان جي ”ڪيزول ويئر“ جي قيمت 25 هزارن کان 60 هزارن تائين آهي.
نجي ويب سائيٽ موجب عائشا جواد ٻڌايو ته لباس جي قيمت 60 هزار رپيا آهي ۽ اها هڪ ڪسٽم ڊريس آهي، جيڪا آرڊر تي تيار ڪرائي سگهجي ٿي.
جيڪڏهن مريم نواز جي جوتن جي ڳالهه ڪجي ته اهي مانولو بلاهنڪ جي وائٽ ساٽن جيول بڪل پمپس جي ڪليڪشن مان آهن، جن جي قيمت 945 پائونڊ (تقريبن 3 لک 34 هزار 795 پاڪستاني رپيا) آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.