ڪوهلي يا ڌوني؟ اعظم خان جو فيورٽ ڪير؟

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي نوجوان وڪيٽ ڪيپر بيٽر اعظم خان ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ بهترين ميچ فنشر لاءِ اڳوڻي ڀارتي ڪپتان مهندرا سنگهه ڌونيءَ کي فيورٽ قرار ڏئي ڇڏيو.
مشهور ڪرڪيٽ ويب سائيٽ جي سوشل ميڊيا اڪائوڻٽ دلچسپ سوال جوابن واري سيشن ۾ اعظم خان کان پڇيو ويو ته ڪهڙي پليئر کي هو بهترين فنشر سمجهي ٿو، جنهن لاءِ کيس ڪيئي آپشنز ڏنا ويا.
پهرين آپشن ۾ اعظم خان کي عبدالرزاق ۽ جوز بٽلر بابت پڇيو ويو هن عبدالرزاق جو نالو کنيو.
ميڪسويل ۽ رزاق مان هن ميڪسويل جڏهن ته ڪوهلي واري سوال جي جواب ۾ هن ميسڪويل جي چونڊ ڪئي ۽ دليل ڏيندي چيو ته ڀارتي ڪرڪيٽر ٽي ٽوئنٽي ۾ اوپنر طور کيڏندو آهي.
ان کانپوءِ آندري رسل ۽ ميڪسويل مان هن رسل جڏهن ته ڊي ويليئرز ۽ ڌونيءَ مان هن اڳوڻي ڪپتان کي عظيم بهترين فنشر قرار ڏنو.
واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن ۾ اعظم خان اسلام آباد يونائيٽڊ جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، گذريل ڏينهن ميچ ۾ هن 30 بالن تي 75 رنسن جي اننگز کيڏي هئي پر هو ٽيم کي ڪاميابي نه ڏياري سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.