چيتو وڻ ۾ ٽنگجي مَري ويو

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي تعلقي نصيرآباد جي علائقي هڙيالا ۾ چيتو وڻ سان ٽنگجي مري ويو، ان جو موت دل بند ٿيڻ سبب ٿيو.
اهو واقعو سومر ڏينهن پيش آيو، چيتو خوراڪ جي ڳولا ۾ آبادي تائين پهچي ويو هو پر وڻ جي ٽاريءَ ۾ سندس هٿ ڦاسي پيو.
چيتو اهڙو ڦاٿو جو پاڻ نڪري نه پئي سگهيو پر ريسڪيو نه هجڻ سبب هو سڄي رات ٽنگيل رهيو.
لائف اسٽاڪ کاتي جي ڊاڪٽرن موجب چيتي جو موت دل بند ٿيڻ سبب ٿيو، ڳوٺاڻن اسان کي صبح سوا اٺين لڳي اطلاع ڏنو، اسان 5 اهلڪارن کي ريسڪيو لاءِ موڪليو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.