برلن (ويب ڊيسڪ) جرمن ٽيليڪام ڪمپني ”ڊوئچه ٽيليڪام“ آٽوميٽڪ طريقي سان پاڻمرادو نيٽورڪ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ دنيا جو پهريون ”ريزيلئنٽ“(Resilient)سم ڪارڊ (rSim) تيار ڪري ورتو.
رپورٽ موجب ان سم ڪارڊ جي تياري جو مقصد موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ واهپيدارن کي سروسز جي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائڻ آهي.
رپورٽ موجب جنهن جاءِ تي نيٽورڪ جا سگنل ڪمزور هوندا، اهو سم ڪارڊ پاڻمرادو ٻئي نيٽورڪ تي هليو ويندو. اهڙيءَ طرح واهپيدار بنا ڪنهن رنڊڪ جي سروسز استعمال ڪري سگھندا. ڊوئچه ٽيليڪام اهو سم ڪارڊ دنيا جي ڪيترين ئي وڏين ٽيليڪام ڪمپنين جي ڀائيواري سان تيار ڪيو آهي.