پاڪستان ۾ ٺهندڙ موبائيل فونز جي انگ ۾ 10 هوڻ تي واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جنوري ۾ پاڪستاني پلانٽس 22 لک 70 هزار موبائيل فون سيٽ ٺاهيا يا اسيمبل ڪيا. ان دوران درآمد ڪيل موبائيل فونز جو انگ 2 لک 40 هزار هو.
پاڪستان ۾ تيار ۽ اسيمبل ڪيل فونز ۾ 7 لک 20 هزار فونز ٽو جي ۽ 15 لک 50 هزار سمارٽ فونز شامل هئا.
پي ٽي اي موجب ملڪ ۾ استعمال ٿيندڙ ڊوائيسز ۾ 60 سيڪڙو سمارٽ فونز آهن جڏهن ته 40 سيڪڙو ڊوائيسز 2 جي آهن.
2023ع دوران سڄي ملڪ ۾ سيل فون جي تياري ۽ اسيمبلنگ ۾ 4 سيڪڙو تائين گھٽتائي ٿي ۽ ان جو بنيادي سبب اهو هو ته فون جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ شين جي درآمد ڪنسائنمينٽس بابت ليٽرز آف ڪريڊٽ کولڻ ۾ دير ٿي جڏهن ته ڪجه پيچيدگين باوجود گذريل سال فونز جي آرمدن ۾ اضافو ٿيو.
مقامي مينوفيڪچرنگ پلانٽس گذريل سال (جنوري کان ڊسمبر تائين) 2 ڪروڙ 12 لک 80 هزار سيٽ ٺاهيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.