گوادر ۾ مسلسل برسات، شهر ٻڏي ويو، لڏپلاڻ

گوادر (ويب ڊيسڪ) گوادر ۾ 14 ڪلاڪن کان وڌيڪ مسلسل برسات سبب معمول جي زندگي متاثر ٿي وئي، هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ بجلي جو نظام به متاثر ٿيو آهي.
گوادر ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ پاڻي گهرن ۽ دڪانن ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن سبب شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
تيز برسات جي نتيجي ۾ ڪيترائي گهر ڪِري پيا آهن ۽ شهري لڏپلاڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته يوسي چيئرمين سربندن موجب تيز هوائن سبب ڪيتريون ٻيڙيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ٽٽي پيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.