ڀارتي فلم ”آرٽيڪل 370“ تي عرب ملڪن ۾ پابندي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا يامي گوتم جي فلم ”آرٽيڪل 370“ تي عرب ملڪن ۾ پابندي لڳائي وئي آهي، اداڪارا جي فلم ۾ ايڪشن ٿرلر سان گڏوگڏ تڪراري سياسي منظر ڪشي ڪئي وئي آهي.
ڀارتي فلم ”آرٽيڪل 370“ جي رليز تي سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن، ڪويت، قطر، عمان سوڌو بحرين ۾ پابندي مڙهي وئي آهي.
تڪراري سياسي منظر ڪشي تي عرب ملڪن اداڪارا يامي گوتم جي فلم کي رليز جي اجازت نه ڏني آهي.
فلم ”آرٽيڪل 370“ کي سياسي فلم جي طور تي پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت بابت واقعا ڏيکاريا ويا آهن.
فلم 23 فيبروري تي ڀارت ۾ رليز ٿي هئي، پر نار رياستن ۾ رليز تي پابندي کي ڀارتي ميڊيا حيران ڪندڙن قرار ڏنو آهي.
واضح رهي اها 2024ع جي ٻي فلم آهي، جنهن تي نار رياستن ۾ پابندي لڳائي وئي آهي، ان کان اڳ جنوري ۾ ريٿڪ روشن ۽ دپيڪا پڊوڪون جي فلم فائيٽر تي به نار ملڪن ۾ پابندي مڙهي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.