نفسياتي ماهرن ڪوڙ پڪڙڻ جو طريقو ٻڌائي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) نفسيات جي ماهرن ڪوڙ ڳالهائيندڙ شخص جون ڪجهه اهڙيون علامتون ٻڌايون آهن جن تي غور ڪيو وڃي ته گھڻي حد تائين مخاطب جو ڪوڙ پڪڙي سگھجي ٿو.
نفسيات جي ماهرن جيڪي علامتون ٻڌايون آهن انهن ۾ ”ان شخص جو مختلف وقت ۾ تضادي ڳالهيون ڪرڻ، اکيون اکين ۾ ملائڻ کان لنوائڻ، جذباتي عدم دلچسپي۽ روين ۾ تبديلي شامل آهن. ان کانسواءِ باڊي لينگوئج ۽ ڳالهه ٻولهه مان به ڪجهه اشارا ملن ٿا جن مان خبر پئجي سگھي ٿي ته اُهو شخص اوهان سان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي.
ماهرن موجب باڊي لينگوئج کي ڏٺو ويندو ته اُهو شخص نروس ۽ بي قرارلڳندو، ان کي پگھر ايندو ۽ ان جا هٿ ڏڪندا. ان کانسواءِ اُهو دفاعي پوزيشن ۾ بيٺل نظر ايندو. ان کانسواءِ مونجهاري، بيهي بيهي ڳالهائڻ ۽ آواز ۾ بي ترتيبي به ڪوڙ ڳالهائڻ جون علامتون ٿي سگھن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.