مراد علي شاهه وڏي وزير جي عهدي جو حلف کڻي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مراد علي شاهه سنڌ جي وڏي وزير جي عهدي جو حلف کڻي ورتو، گورنر ڪامران ٽيسوري کانئس حلف ورتو.
مراد علي شاهه ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير بڻجي ويو، هن حلف کڻڻ کانپوءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن کيس حلف کڻڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي.
حلف برداري تقريب ۾ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏوگڏ فريال ٽالپر، قائم علي شاهه، سراج دراني، سعيد غني، غذرا پيچوهو، امتياز شيخ به شرڪت ڪئي.
نوان چونڊيل سنڌ اسيمبلي ميمبر ناصر شاهه، شرجيل ميمڻ، مڪيش چاولا، نگران وڏو وزير مقبول باقر ۽ آءِ جي سنڌ به تقريب ۾ شريڪ ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.