ٽي ٽونٽي بلائينڊ ورلڊ ڪپ 2024ع پاڪستان ۾ ٿيندو، ڪهڙيون ڪهڙيون ٽيمون اينديون؟

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان کي بلائينڊ ٽي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ميزباني ملي وئي.
دبئي ۾ ورلڊ بلائينڊ ڪرڪيٽ جو ساليانو اجلاس سيد سلطان شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس دوران قانونن ۾ ترميمن جي منظوري ڏيڻ کانسواءِ پاڪستان کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
بلائينڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ هلندڙ سال ويهه نومبر کان ٽي ڊسمبر تائين کيڏيو ويندو.
ان ڏس ۾ نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، ويسٽ انڊيز، ڀارت، سريلنڪا، نيپال ۽ بنگلاديش ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جي تصديق ڪري ڇڏي، جڏهن ته آسٽريلوي بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ايونٽ ۾ شرڪت جي تصديق جو انتظار آهي.
ٻئي پاسي ڀارت کي پهرئين ٽي ٽوئنٽي وومينز بلائينڊ ورلڊ ڪپ جي ميزباني ملي وئي آهي.اِهو ايونٽ ڊسمبر 2025 ۾ تجويز ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.