ڪراچي مان قومي اسيمبلي جي ٽن تڪن جي نتيجن خلاف درخواستون رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ڪراچي مان قومي اسيمبلي جي ٽن تڪن جي نتيجن خلاف درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
اليڪشن ڪميشن ٽن تڪن جي نتيجن خلاف درخواستگذارن کي اليڪشن ڪميشن ٽربيونل سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
اين اي 236 ڪراچي مان اميدوار ظهور الدين، اين اي 239 مان محمد ياسر ۽ اين اي 241 مان خرم شير زمان جون درخواستون رد ڪيون ويون آهن.
واضح رهي ته قومي اسيمبلي جي انهن ٽنهي تڪن تي پ پ اميدوار ڪامياب ٿيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.