باڊي بلڊنگ جو شوقين شخص زنڪ لاءِ سِڪا ڳهي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) باڊي بلڊنگ جو شوقين شخص جسم ۾ زنڪ شامل ڪرڻ لاءِ مختلف سپليمينٽس جو استعمال ڪندا رهن ٿا پر ڀارتي شهري ان لاءِ انوکو ڪم ڪيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو نئين دهلي جي سرگنگا رام اسپتال ۾ پيش آيو جتي 26 ورهين جي نوجوان کي اسپتال جي ايمرجنسي ۾ آندو ويو.
ڊاڪٽرن ٻڌايو ته 26 ورهين جو مريض ذهني طور تي بيمار هو، کيس 20 ڏينهن کان پيٽ ۾ سور ۽ اوڪارا اچڻ جي شڪايت هئي جڏهن ته هو کائي پي به نه پيو سگھي.
مريض جي گھرڀاتين ڊاڪٽرن کي ٻڌايو ته مريض ڪجهه هفتا اڳ سِڪا ۽ مقناطيس کاڌا هئا جڏهن ته هو نفسيات جو علاج به ڪرائي رهيو هو.
ڊاڪٽرن موجب مريض جي پيٽ جو ايڪسري ۽ سي ٽي اسڪين ڪيو ويو جنهن مان خبر پئي ته سندس آنڊن ۾ سِڪا ۽ مقناطيس موجود آهن جن کي فوري طور تي آپريشن ڪري ڪڍيو ويو.
ڊاڪٽرن ٻڌايو ته مريض جي پيٽ مان 39سڪا ۽ 37 مقناطيس (چڪمڪ) ڪڍيا ويا آهن، مريض اهي اهو سوچي کاڌا هئا ته ڇو جو انهن ۾ زنڪ هوندو آهي ۽ انهن جي استعمال سان باڊي بلڊنگ ۾ مدد ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.