مسئلن جي پاڙن تائين پهچي انهن جو خاتمو ڪنداسين: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز چيو آهي ته مالياتي معاملن ۾ شفافيت تي سوديبازي نه ٿيندي، احتساب، شفافيت، ڪوالٽي ورڪ ۽ ٽائم ورڪ ريڊ لائن آهن.
مريم نواز جي صدارت هيٺ دربار هال سيڪريٽريٽ ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي کاتن جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني وئي.
اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مريم نواز چيو ته ڊينگي ۽ پوليو کان بچاءَ تي ڌيان ڏنو وڃي، عوام کي معياري علاج جي سهولت ملڻ گهرجي، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ عوامي فائدن جا منصوبا جاري رکيا وڃن.
هن چيو ته خدمت جو جذبو رکندڙ ايماندار آفيسرن کي سلام پيش ڪيان ٿي، ميرٽ جي ڀڃڪڙي نه ڪنديس نه ٿيڻ ڏينديس، ڪا سياسي ڀرتي نه ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته عوام جا مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن، اسٽرڪچرل ريفارمز ڪرڻا پوندا، اسان مسئلن جي پاڙن تائين پهچي انهن جو خاتمو ڪنداسين، آفيسر ۽ ملازم منهنجي ٽيم آهن، ڪم ڪندڙ کي سپورٽ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.