منگوليا ۾ سخت ٿڌ سبب 20 لک جانور مري ويا

اولانبتار (ويب ڊيسڪ) منگوليا ۾ سخت ٿڌ ۽ برفباري سبب هلندڙ سياري جي موسم ۾ هيل تائين 20 لک کان وڌيڪ جانور مري چڪا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب لينڊ لاڪڊ ملڪ ۾ ڊسمبر کان مارچ جي وچ ۾ سخت ٿڌ پوڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، جتي ڪجهه علائقن ۾ پارو ڪاٽو 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين اچي ويندو آهي.
گڏيل قومن پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته هلندڙ سياري جي موسم معمول کان وڌيڪ ٿڌي آهي، جڏهن ته گھڻي برفباري ۽ معمول کان گھٽ پارو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
منگوليا جي زراعت واري وزارت موجب بک ۽ ٿَڪ جي نتيجي ۾ 21 لک ڍور مري چڪا آهن جن ۾ رڍون، ٻڪريون، گھوڙا ۽ ڳئون شامل آهن.
سخت موسم کي ڊزوڊ (dzud) جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي ۽ عام طور تي ان موسم جي نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ ڍورن جي مرڻ جو واقعا ٿيندا آهن، گڏيل قومن موجب موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ ان جي شدت وڌي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.