محمد نواز اميدن تي پورو ناهي لٿو، ٽيم لاءِ پولارڊ وانگر کيڏڻو پوندو: شان مسعود

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان شان مسعود چيوآهي ته پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن ۾ پنهنجي هوم گرائونڊ تي کيڏڻ بابت ڏاڍو پرجوش آهيان.
ڪراچي جي نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شان مسعود چيو ته ڪراچي ڪنگز جي ڪجهه رانديگرن پرفارمنس ڏيکاري آهي، ذاتي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهيان، سٺو موقعو ملندي ئي ٽيم جي ڪارڪردگي به بهتر ٿي ويندي.
هن چيو ته پي ايس ايل ۾ ڪراچي جي شروعاتي ٽن ميچن ۾ ڪا به ذڪر جوڳي ڪارڪردگي سامهون ناهي اچي سگهي، ٽيم کي ڪيرون پولارڊ جهڙي بهترين انفرادي اننگز جي ضرورت آهي، ڪراچي ۾شيڊيول ميچن کان اڳ مخالف ٽيمن خلاف ميٽنگ ۾ حڪمت عملي تيار ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته اوپنرن جي جلدي آئوٽ ٿيڻ سان ٽيم جي ڪارڪردگي تي فرق پوندو آهي، ڪراچي جي پِچ بابت ڪا ڄاڻ ناهي، سٺي ٽيم پنهنجي غلطين مان سکندي آهي.
هن چيو ته محمد نواز صلاحيتن پٽاندڙ ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري سگهيو، آل رائونڊر طور هن مان سٺن نتيجن جي اميد آهي، عرفات منهاس سٺو پليئر آهي جتي سندس ضرورت هوندي کيس موقعو ڏنو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته ميچن جي پاسز لاءِ فيملي کي به انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ميگا ايونٽ دوران سڀ رانديگر پاسز سبب پريشان هوندا آهن.
واضح رهي ته ڪراچي ڪنگز پي ايس ايل ۾ هنيئر تائين ٽي ميچون کيڏيون آهن جنهن ۾ ٻن ۾ ڪاميابي ۽ هڪ ۾ ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.