چنڊ تي موڪليل آمريڪي مشن وقت کان اڳ ختم ٿي ويو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جو 5 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان پوءِ چنڊ تي موڪليل پهريون مشن وقت کان اڳ ختم ٿي ويو.
آمريڪا جي هڪ نجي ڪمپني Intuitive Machines (آءِ ايم) جو اهو مشن 5 ڏينهن اڳ چنڊ تي پهتو هو.
اوڊيشين نالي لينڊر چنڊ جي سطح تي غلط پوزيشن ۾ لينڊ ڪيو جنهن سبب ان مشن کي 5 ڏينهن کان پوءِ ئي ختم ڪرڻو پئجي ويو.
ناسا ان مشن لاءِ آمريڪي ڪمپني جي ڀائيواري سان موڪليو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.