ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي سريلنڪن اوپنر تلڪرتني دلشان آسٽريلوي شهري بڻجي ويو،آسٽريلوي پارليامينٽ رڪن جيسن ووڊ سوشل ميڊيا ذريعي ڪرڪيٽر جي آسٽريلوي شهريت جو اعلان ڪيو.
پنهنجي پوسٽ ۾ جيسن ووڊ لکيو ته شهريت واري تقريب خاص انڪري هئي جو ان ۾ اڳوڻو سريلنڪن ڪپتان تلڪرتني دلشان به موجود هو، کيس سريلنڪن ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ جو بهترين بيٽر مڃيو ويندو آهي.
سندس چوڻ هو ته تلڪرتني دلشان 2011 واري عالمي ڪپ ۾ پنج سئو کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون، هو هاڻ سريلنڪن شهري طور مقامي ٽيم جوائن ڪندو ۽ پنهنجو تجربو ڪميونٽي سان شيئر ڪندو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته تلڪرتني دلشان جي نياڻي ريسنڊي به پنهنجي پيءُ جي نقش قدم تي هلندي ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ قدم رکي چڪي آهي ۽ آسٽريليا جي علائقائي ڪرڪيٽ ۾ پاڻ مڃائي رهي آهي، تنهنڪري دلشان آسٽريلوي شهريت لاءِ درخواست ڏني هئي جيڪا منظور ڪئي وئي.
You might also like