ڪيوي فاسٽ بالر نيل ويگنر جو آلين آکين سان عالمي ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو اعلان

ويلنگٽن ( ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر نيل ويگنر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي لڙڪ لاڙي ويٺو.
نيل ويگنر آسٽريليا خلاف شروع ٿيندڙ پهرين ٽيسٽ ميچ کان اڳ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.
نيل ويگنر کي ٻڌايو ويو هو ته هو ٽيسٽ ميچ جو حصو نه آهي جنهن کانپوءِ هن ويلنگٽن ۾ هيڊ ڪوچ گيري سٽيڊ سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.
ان موقعي تي سندس چوڻ هوته رٽائرمينٽ جو فيصلو سولو نه هو، هڪ هفتو منهنجي لاءِ ڏاڍو جذباتي رهيو، هاڻ ٻين لاءِ موقعو آهي ته هو ٽيم کي اڳتي کڻي هلن.
ڪيوي فاسٽ بالر پنهنجي جذبن تي ظابطو نه رکي سگهيو ۽ پريس ڪانفرنس دوران لڙڪ لاڙي ويٺو.
واضح رهي ته نيل ويگنر 64 ٽيسٽ ميچن ۾ 260 وڪيٽون حاصل ڪيون، هو نيوزيلينڊ لاءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙ بالرن جي فهرست ۾ پنجي نمبر تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.