اڪشي ڪمار پاڻ کي پُرسڪون رکڻ لاءِ ڇا ڪندو آهي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ميگا اسٽاراڪشي ڪمار چيو آهي ته پاڻ سان ڪجهه وقت گھارڻ لاءِ صبح جو 4 وڳي اٿندو آهيان.
اڪشي ڪمار پنهنجي ايندڙ فلم جي پروموشن لاءِ رٿيل تقريب ۾ ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو آهي ته هو صبح جو 4 وڳي اٿي ويندو آهي ڇو جو ان وقت سندس زال ۽ ٻار ننڊ پيل هوندا آهن.
اداڪار چيو ته ان وقت ڪو ٽينشن ڪو ڪم نه هوندو آهي ان ڪري اوهان پاڻ کي گھڻو پرسڪون محسوس ڪندا آهيون. صبح جو جلدي اٿڻ لاءِ رات جو ساڍي 9 وڳي سمهي پوندو آهيان.
هڪ سوال جي جواب ۾ اڪشي ڪمار چيو ته ان وقت آئون فون به چيڪ نه ڪندو آهيان. صبح جو 4 وڳي اٿي ڪجهه وقت خاموش ويهي گذارڻ کان پوءِ هڪ کان ڏيڍ ڪلاڪ ورزش ڪندو آهيان ۽ پوءِ ٻار اٿي پوندا آهن ۽ عام ڏينهن شروع ٿي ويندو آهي.
بالي ووڊ جي ڪامياب ترين اداڪارن مان هڪ اڪشي ڪمار مداحن کي مشورو ڏنو ته هو به روز پنهنجي لاءِ ڪجهه ڪلاڪ ضرور ڪڍن ۽ اڪيليرهي پنهنجي ڪمپني انجواءِ ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.