پاڪستان ۾ نئين حڪومت جي جوڙجڪ ۾ ڌر نه بڻجنداسين: آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا چيو آهي ته پاڪستان ۾ نئين حڪومت جي جوڙجڪ پاڪستاني قيادت جي عمل هيٺ آهي، اسان ان ۾ ڌر نه آهيون، اها اهڙي شيءِ نه آهي جو اسان ان تي تبصرو ڪريون.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان پاڪستان ۾ حڪومت کي ان انداز ۾ اڳتي وڌندي ڏسڻ چاهيون ٿا جيڪو پاڪستاني عوام جي مرضيءِ جي عڪاسي ڪري.
هن چيو ته نئين حڪومت جي جوڙجڪ پاڪستاني قيادت جي عمل هيٺ آهي، آمريڪا ان ۾ ڌر نه آهي، رپورٽ ڪيل بي ضابطگين جي جاچ جلد کان جلد مڪمل ٿيڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.