هاڻي موبائيل کيسي ۾ رکڻ جي ضرورت نه پوندي

جلد اوهان کي پنهنجي سمارٽ فون کيسي ۾ رکڻ جي ضرورت نه پوندي ۽ ان کي ٻانهن جي ڪارائي تي ويڙهي استعمال ڪري سگھبو.
هڪ چيني ڪمپني پاران اهڙو ڪانسيپٽ بينڊ ايبل سمارٽ فون تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي ٻانهن جي ڪارائي تي ويڙهي سگھجي ٿو.
اسپين جي شهر بارسلونا ۾ جاري موبائيل ورلڊ ڪانگريس جي موقعي تي ان فون کي پيش ڪيو ويو.
جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته اهو ڪانسيپٽ فون آهي پر ان سان سمارٽ فون ڊسپلي جي ٽيڪنالاجي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو اشارو به ملي ٿو.
ڪمپني موجب جڏهن فون ڪارائي جي چوڌاري ويڙهجي وڃي ٿو ته ڊسپلي جا سمورا تفصيل اسڪرين جي مٿين حصي ۾ نظر اچن ٿا.
ڪمپني ٻڌايو ته فون کي ڦيرائڻ تي ڊوائيس جي ڊسپلي پاڻ کي ان موجب ايڊجسٽ ٿي وڃي ٿي.
حقيقت ۾ ڪمپني جي دعويٰ آهي ته اها فون انساني ڪرنگھي جي هڏي جيان ڪم ڪري ٿي.
اها بنيادي طور تي سمارٽ واچ ۽ سمارٽ فون لڳي ٿي جيڪا ٻانهن جي ڪارائيءَ جي چوڌاري بينڊ ذريعي ٻڌي وڃي ٿي.
فون جي بيڪ کي نرم رکيو ويو آهي ته جيئن ان کي ڪارائيءَجي چوڌاري ٻڌڻ سان تڪليف محسوس نه ٿئي.
فون جي بيڪ تي موجود پينل ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون بيٽريون لڪيل آهن.
ڪمپني پاران فون جي ٻين جي فيچرز تي روشني ناهي وڌي وئي پر اهو ضرور واضح ڪيو ويو آهي ته ان کي وڪري لاءِ پيش نه پيو ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.