پي آءِ اي جِي هوائي ميزبان ڪئناڊا مان گم، ايئر لائين لاءِ ڪهڙو پيغام ڇڏيائين؟

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي ايئر لائين جي هوائي ميزبان ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو مان پراسرار نموني گم ٿي وئي.
هوائي ميزبانن جو ڊيوٽي دوران پرڏيهه ۾ گم ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ اطلاعن موجب، ويجهڙ ۾ هڪ هوائي ميزبان جيڪا اسلام آباد کان ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو وئي هئي اتان گم ٿي وئي آهي.
واقعي بابت ايئر لائين جي لاڳاپيل شعبي کي اطلاع ڏنو ويو آهي، جڏهن ته معاملي جي جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي.
هوائي ميزبان وڃڻ وقت ڪمري ۾ ٽنگيل پنهنجي يونيفارم تي هڪ پيغام پڻ ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن ايئر لائين جا ٿورا پڻ مڃيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.