ڪراچيءَ ۾ تيز هوائون گهلڻ لڳيون، موسميات کاتي پاران اهم اپ ڊيٽ جاري

ڪراچي ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اولهندي هوائن جو سلسلو بلوچستان ۽ سنڌ تي اثرانداز ٿي رهيو آهي، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ڪالهه شام کان تيز هوائون گهلڻ جو سلسلو جاري آهي.
موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ 34 کان 36 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلي رهيون آهن.
اتر اوڀر کان گهلندڙ تيز هوائون اڄ شام تائين جاري رهنديون.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هوائن جي رفتار 45 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين پهچي سگهي ٿي، تيز هوائن سبب شهر ۾ ٿڌ جو احساس به وڌي ويو آهي.
موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ صبح جي وقت گرمي پد 17 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
ٻئي پاسي بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ برسات ۽ برفباري سبب ٿڌ ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
قلعه عبدالله، زيارت، خانوزئي، ڪان مهترزئي ۽ مسلم باغ ۾ برفباري جو سلسلو جاري، برفباري سبب ڪيترائي رستا بند ٿي ويا.
ڪوئيٽا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سوئي گيس پريشر نه هجڻ سبب ماڻهو پريشاني جو شڪار
هوڏانهن اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان، ٽانڪ، هنگو، اورڪزئي، لڪي مروت ۾ برسات ۽ برفباري جاري آهي، ديامر ۽ چلاس ۾ مسلسل برفباري سبب ڪيترائي رستا بند ٿي ويا
موسميات کاتي موجب، اڄ مري، گليات ۽ ڀرپاسي ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان
ان کانساءِ راولپنڊي، جهلم، چڪوال، سرگوڌا، ميانوالي، گجرات، بهاولپور ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.