190 ملين پائونڊ ڪيس: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.
احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ بشريٰ بي بي کي بني گالا کان اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو .
پي ٽي آءِ باني عمران خان طرفان بئريسٽر صفدر، عمير نيازي ۽ ٻيا وڪيلن عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته نيب طرفان ڊپٽي پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران عمران خان ۽ بشريٰ بي بي عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئا، عدالت ٻنهي جوابدارن جي موجودگي ۾ فردم جرم پڙهي ٻڌايو، جوابدارن چارج شيٽ ۾ لڳايل الزامن کان انڪار ڪري ڇڏيو.
جج عمران خان کان سوال ڪيو ته اوهان تي فريم چارج ڪيو پيو وڃي اوهان ٻڌايو ته گلٽي آهيو يا نه؟ جنهن جي جواب۾ عمران خان چيو ته مان چارج شيٽ پڙهي ڇا ڪندس، ڄاڻان ٿو ته ان ڇا لکيل آهي.
ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني چيو ته هو ڪيس ۾ دير نٿا چاهن، اٺ فيبروري کان پهرين نيب کي تڪڙ هئي، تڪڙي سزا چاهن ٿا.
جج پڇاڻو ڪيو ته خان صاحب! پهرين ٻڌايو ته اوهان جي ڏندن جو معائنو ٿيو يا نه؟ جنهن تي عمران خان چيو ته اڃا تائين ڏندن جو چيڪ اپ ناهي ٿيو جيل انتظاميا چيو هو آچر ڏهاڙي ڊاڪٽر ايندو، هاڻي چيو پيو وڃي ته ايندڙ آچر تي ڊاڪٽر ايندو.
عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي ڇهه مارچ تائين ملتوي ڪندي ڪيس جي 58 شاهدن مان 5 کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ طلب ڪري ورتو.
ان کانسواءِ عدالت عمران خان جي طبي معائني، ڏندن جي چيڪ اپ لاءِ جنرل فزيشن ۽ ڊينٽسٽ جي فراهمي جي درخواست منظور ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.