سنڌ ڪابينا:پهرين مرحلي ۾ 10 کان وڌيڪ وزير کڻڻ جو فيصلو

ڪراچي : سنڌ جي نئين چونڊيل وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اڄ سندس عهدي جو حلف کڻايو ويندو، گورنر هائوس ۾ شام 6 وڳي حلف  برداري واري تقريب ٿيندي، پهرين مرحلي ۾ 10 کان وڌيڪ وزير کڻڻ جو فيصلو، 2 صلاحڪار به ڪابينا ۾ شامل ڪيا ويندا،  سنڌ جو نئون چونڊيل وڏو وزير سيد مراد علي شاهه اڄ شام پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو، گورنر هائوس ۾ شام 6 وڳي تقريب رٿي وئي آهي، ان سلسلي ۾ تقريب لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ شرڪت لاءِ مخلتف مهمانن کي دعوتون پڻ ڏنيو ويون آهي. ٻئي طرف وڏي وزير سيد مراد علي پنهنجي ڪابينا ۾ پهرين مرحلي ۾ 10 کان وڌيڪ وزير ۽ 2 صلاحڪار شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن وڏي وزير سيد مراد علي پنهنجي ڪابينا ۾ پهرين مرحلي ۾ ميمبرن کي شامل ڪرڻ لاءِ پارٽي قيادت سان صلاح مشورا ڪري ورتا آهن، ذريعن موجب پهرين مرحلي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير عذرا پيچوهو، محمد بخش مهر، سيد ناصر شاهه، شرجيل انعام ميمڻ، سعيد غني، مڪيش ڪمار چاولا، آغا سراج دراني، سيد سردار شاهه، ضياءَ الحسن لنجار فخرالزمان۽ امتياز شيخ کي شامل ڪيو ويندو، جڏهن ته 2 صوبائي صلاحڪار به شامل ڪيا ويندا، ذريعن موجب پهرين مرحلي واري ڪابينا ۾ 2 عورتون ۽ 2 اقليتي ميمبر شامل هوندا، جڏهن ته وزيرن کي کاتا الاٽ ڪرڻ جي حوالي سان اڃا تائين صلاح مشورا جاري آهن، جنهن بابت اڄ حتمي فيصلو ٿيڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.