قائم علي شاهه جي تقرير دوران ايوان ۾ ٽهڪڙا

ڪراچي: سينيئر سياستدان قائم علي شاهه جي تقرير دوران ايوان اندر ۽ گيلرين ۾ ٽهڪڙو مچندو رهيو، سيد قائم علي شاهه مخالف ڌر  کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پ پ کي ته ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ مليا آهن، مخالف ڌر وارا ٻڌائين ته انهن جي ڪهڙي ڪارڪردگي آهي، اسان ايترو ڪم ڪيو آهي جيترو مخالف ڌر وارن سڄي زندگي ۾ نه ڪيو هوندو، هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي ۽ روڊ ٺاهيا آهن، مخالفن کي اکيون آهن ته ڏسي وٺن، ڪنهن کي ذهن ۾ خرابي آهي ته ڇا ڪجي، هن چيو ته هاڻي مراد علي شاهه ايترو ڪم ڪندو ته توهان حيران ٿي ويندا، مخالف ڌر وارن وري ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن، اسان ته ووٽن لاءِ عوام کي منٿون ڪيون، چيئرمين بلاول ڀٽو حساب وٺندو آهي، زرداري ۽ ادي به گهٽ نه آهن، توهان جا ايم پي ايز به ڪم لاءِ اسان وٽ اچن ٿا. ان دوران فريال ٽالپر سميت ايوان ۾ موجود ميمبر کلندا رهيا ۽ گيلرين ۾ به ٽهڪڙو مچندو رهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.