مراد علي شاهه کي ٽيون ڀيرو وڏو وزير ٿيڻ تي متحده ۽ ٻين پارٽين پاران مبارڪون

ڪراچي ( رپورٽر ) پ پ جي چونڊيل ميمبرن وڏي وزير  کي واڌايون ڏيڻ سان گڏ مسئلن جي نشاندهي ڪري حل لاءِ عزم جو اظهار ڪيو آهي، پ پ ايم پي اي محمد بخش مهر چيو ته مراد علي شاهه صوبي ۾ ڪارڪردگي ڏيکاري ان ڪري وڏ وزارت جو حقدار آهي، ٻوڏ بعد تباهه ٿيل سنڌ کي اڏڻ لاءِ گهڻو ڪم ڪرڻو آهي، هن چيو ته گهوٽڪي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ سان گڏ مخالف ڌر کي گڏ کڻي هلڻو آهي، امن امان سان ئي خوشحالي ايندي. اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته يوان ۾ ڪراچي ۽ سنڌ نه چيو وڃي، اهو سنڌي برداشت نه ڪندا، اوهان سنڌي ٿي وڃو، ڪراچي سنڌ جو حصو آهي، هن چيو ته مخالف ڌر سان گڏجي ڪم ڪنداسين ته صوبو ترقي ڪندو نه ته مسئلا ٿيندا،  ان اڳ اڳ سردار علي شاهه، شرجيل ميمڻ، امداد پتافي، ڄام خان شورو، ماروي فصيح، نذهت پٺاڻ، ۽ ٻين خطاب ڪيو، ٻئي طرف ايم ڪيوا يم جي ايم پي اي عبدالوسيم خان ايم ڪيوا يم پاران وڏي وزير مراد علي شاهه کي ٽيون ڀيرو وڏو وزير ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن، هن ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي طرفان به مراد علي شاهه کي ٽيون ڀيرو وڏو وزير ٿيڻ تي مبارڪون پيش ڪيون ٿا، هن اميد ظاهر ڪئي ته نئين حڪومت ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾  بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪرادار ادا ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.