ڪوئيٽا(يار محمد بروهي) اي اين پي پاران سينيٽ ۽ صداتي چونڊن ۾ آصف زرداري جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، عوامي نيشنل پارٽي جي ايم پي اي زمرد خان، سينٽر نواب زاده عمر فاروق، سينيٽردائود خان اسلام آباد ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي، اين اي پي جي ايم پي اي زمرد خان بلوچستان ۾ حڪومت سازي لاءِ پيپلز پارٽي جي حمايت جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اي اين پي بلوچستان ۾ حڪومت سازي لاءِ وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ جي به حمايت ڪري ڇڏي آهي ، ملاقات دوران پ پ اڳواڻ علي مدد جتڪ، مير علي حسن بروهي ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا .