ڌيءَ جي پوليس ٽريننگ ۾ پاس ٿيڻ بعد امڙ جون خوشي مان جهمريون

سانگهڙ (عوامي آواز نيوز) سانگهڙ ۾ ڌيءَ جي پوليس ٽريننگ ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد امڙ خوشي وچان ڌيءَ سان گڏ جهمر هڻڻ شروع ڪري  ڇڏي، سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته هي منظر ڌيءَ جي پوليس امتحان ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد امڙ خوشي جو اظهار ڪري رهي آهي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ عورت پوليس ڪيڊٽ يونيفارم ۾  ملبوس نوجوان ڇوڪري سان گڏ خوشي ۾ رقص ڪري رهي آهي، ڇوڪري کي پئسن جو هار پاتل آهي، جڏهن ته پٺيان پنڊال ۾ ٻيا پوليس اهلڪار به نظر اچي رهيا آهن، وائرل وڊيو ۾ رد عمل جو اظهار ڪندي سوشل ميڊيا صارفين امڙ جي خوشي کي ساراهيو آهي، هڪ صارف لکيو ته امڙ جي جذبن کي بيان ڪرڻ جي لاءِ ڪي لفظ ڪافي ناهن، هڪ صارف ان منظر کي دل کي ڇهندڙ قرار ڏنو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.