لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ ٻئي مرحلي ۾ پنجاب ڪابينا ۾ شامل ٿيندي.
ذريعن موجب پ پ کي بجيٽ کانپوءِ پنجاب ڪابينا ۾ 3 وزارتون ڏيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب ڪابينا ۾ پ پ جي شموليت لاءِ ن ليگ ۽ پ پ ڪميٽيون ڪم ڪري رهيون آهن، سيد علي حيدر گيلاني، نيلم جبار ۽ رئيس نبيل جي پنجاب ڪابينا ۾ شموليت جو امڪان آهي.
واضح رهي ته ڏکڻ پنجاب مان چونڊيل پ پ ميمبرن پارٽي قيادت کان پنجاب ڪابينا ۾ شموليت جو مطالبو ڪيو هو.
You might also like