عدالت آءِ جي سنڌ کي ثبوت پيش ڪرڻ جو چيو آهي، قتل جي شفاف جاچ چاهيون ٿا: سسئي لوهار

نصيرآباد/ قمبر (نمائندن وٽان) نصيرآباد جي قومي ڪارڪن ۽ استاد جو ڪيس داخل نه ڪرڻ ۽ قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ريلي، نصيرآباد جي مقتول قومي ڪارڪن ۽ استاد هدايت لوهار جو ڪيس داخل نه ڪرڻ  ۽ قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف جسٽس فار هدايت لوهار ايڪشن ڪميٽي طرفان يارهين ڏينھن به نوناري محلي کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شھر توڙي ڀرپاسي واري علائقن جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن، استادن، عورتن، ٻارڙن، سول سوسائٽي، شھرين ڀرپور شرڪت ڪئي، اڳواڻن سسئي لوهار، سورٺ لوهار، مرتضيٰ چانڊئي، اشفاق مسڻ، منصور سومري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شھيد هدايت لوهار هڪ فرد نه پر هڪ شعور هو جنھن هڪ ئي وقت نه رڳو پنھنجي پيشي پر قوم ۽ ڌرتيءَ سان به خوب نڀايو جنھن جو بي گناھ قتل پوري انسانيت ۽ پوري معاشري جو قتل آهي، نصيرآباد پوليس لاءِ هي شرم جوڳي ڳالھ آھي تہ هڪ استاد ٿاڻي جي سامھون وچ شھر ۾ قتل ٿيو جنھن جا سي سي ٽي وي فٽيجز قاتلن کي واضح ڪن ٿا اهي پڻ پوليس وٽ آهن پر هو ڪيس داخل نه ٿا ڪن، ٻئي پاسي مقتول هدايت الله لوهار جي نياڻي سسئي لوهار،پٽ سارنگ لوهار،سورهيه سنڌي، عنايت الله لوهار،لطيف ميمڻ ۽ ايڊوڪيٽ محب آزاد صحافين کي ٻڌايو ته ايڊيشنل سيشن جج غلام علي ڪناسرو جي ڪورٽ قمبر ۾ ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ اسان ڄاڻايو هو ته هدايت الله لوهار جو قتل ڪيس سندن وارثن جي مرضي سان داخل نه ٿو ڪيو وڃي، پٽيشن ۾ اسان ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ايس ايڇ او نصيرآباد کي ڌر ڄاڻايو هو جتي ڊي ايس پي قمبر پيش ٿيو جنهن تي جج آءِ جي سنڌ کي حڪم جاري ڪيو ته واقعي جا فوٽيجز ۽ ٻيا ثبوت 2 مارچ تي ٻڌڻي دوران پيش ڪيا وڃن، اسان کي عدليه مان اميد آهي ته اسان جي ايف آئي آر حقيقي جوابدارن مٿان داخل ڪئي ويندي ۽ ايماندار آفيسر مقرر ڪري انڪوائري ڪري اسان کي انصاف ڏياريو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.