ايوان صدر ۾ ھڪ اھم پريس ڪانفرنس جو امڪان

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ايوان صدر ۾ غير معمولي سرگرميون ٿيندي نظر اچڻ لڳيون آھن صدر عارف علوي پي ٽي آءِ جي اڳواڻن بئريسٽر گوھر خان  بابر اعواڻ،  علي ظفر ۽ ٻين سان ويجھڙ ۾ ھڪ کان وڌيڪ ملاقاتون ڪري چڪو آھي. باخبر ذريعن وٽان مليل ڄاڻ مطابق ته ايندڙ ڪجھه ڏينھن ۾ صدر عارف علوي ايوان صدر ۾ اھم پريس ڪانفرنس ڪندو يا پنھنجي ڪنھن من پسند اينڪرپرسن کي انٽرويو ڏيندو، جنھن ۾ اھم انڪشاف ڪرڻ سان گڏ چونڊ عمل تي پنھنجا اعتراض پڻ ظاھر ڪندو ۽ انھن کي غير قانوني ۽ غير آئيني ڊڪليئر ڪندو، اھو سڀ وزيراعظم جي مقرري کان ھڪ ٻه ڏينھن اڳ ۾ ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آھي، جنھن سان ايندڙ حڪومت لاءِ ڏکيائون ۽ سندس ساک تي سواليه نشان اچي ويندو، باخبر ذريعن اھو پڻ ٻڌايو ته صدر عارف علوي ذريعي اسٽيبلشمينٽ توڙي سياسي اڳواڻن جيڪي عمران خان ڏانھن پيغام اماڻيا ھا انھن کي پڻ منظر عام تي آندو ويندو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 27 فيبروي 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.